Type a search term to find related articles by LIMS subject matter experts gathered from the most trusted and dynamic collaboration tools in the laboratory informatics industry.
سي ٽي اسڪين | |
---|---|
جديد سي ٽي اسڪينر | |
ٻيا نالا | ايڪس ري ڪمپيوٽيڊ ٽوموگرافي (ايڪس ري سي ٽي)، ڪمپيوٽرائزڊ ايڪسئل ٽوموگرافي اسڪين (سي اي ٽي اسڪين.[1] ڪمپيوٽر واري ٽوموگرافي |
آء سي ڊي-10 پي سي ايس | B?2 |
آء سي ڊي-9+سي ايم | 88.38 |
MeSH | D014057 |
OPS-301 code | سانچو:OPS301 |
MedlinePlus | 003330 |
سي ٽي اسڪين(انگريزي: CT scan) جنھن جو سڄو نالو ڪمپيوٽيڊ ٽوموگرافي اسڪين(انگريزي: computed tomography scan ) آهي.[2] اسڪينر مشين ذريعي ڪمپيوٽر جي مرحلي واريون مختلف پاسن کان ايڪس ري جي ماپ مطابق مريض جي جسم جي حصن جون ٽوموگرافي واريون تصويرون ھڪ خاص ترتيب ۾ ڪڍي انھن ذريعي جسم جي ان حصي کي ڪٽڻ کان بغير ان اندر ڏٺو ويندو آهي ٻہ رخي ريڊيو گرافڪ تصويرون جيڪي ھڪڙي محوري ڦيري ۾ ڪڍجن ٿيون اھي ڊجيٽل جاميٽري جي مرحلي ۾ آڻي ٽہ رخي تصويرن ۾ تبديل ڪري سگھبيون آھن.[3] سي ٽي اسڪين جي سڀ کان وڌيڪ ڪارڪردگي ميڊيڪل اميجنگ آھي. ان جون آڏي تراش تصويرون ( cross-sectional images) ڪيترن ئي ميڊيڪل جي شعبن ۾ مرض جي سڃاڻپ ۽ ٿراپي واري ڪم ڏين ٿيون. [4] ھن اسڪيننگ جو استعمال ميڊيڪل واري شعبي کان علاوه آرڪيالاجي جي شعبي ۾ پڻ ٿيندو آھي. ھن قسم جي اسڪيننگ ڪرڻ واري کي ريڊيو گرافر ريڊيولاجڪ ٽيڪنالاجسٽ سڏيو ويندو آهي.[5][6] گذريل ٻن ڏهاڪن م ھن قسم جي اسڪيننگ جو استعمال دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڌي ويو آهي.[7] 2007 ۾ رڳو آمريڪا ۾ ست ڪروڙ ويھ لک اسڪين ڪيا ويا ۽ 2015 ۾ اٺ ڪروڙ کان وڌيڪ اسڪين ڪيا ويا .[8][9]